ٽوٻٽي ڪيناڙي ڪينو

ٽوٻٽي ڪيناڙي ڪينو

ٽوٻڻي ڪيناڙي ڪينو

ٽوٻڻي، ڪيناڙي، ڪينو Herring Gull/Larus argentat: 60 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ڪيناءَ پکي جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. مختلف مندن ۽ عمر جي مختلف حصن ۾ هنن جو رنگ بدلبو پيو آهي. اونھاري ۽ بھار ۾ رنگ اڇو ھوندو اٿن. مٿو اڇو، پُٺي ۽ پَر سرمائي، پرن جو مٿيون ڀاڱو روپلو، پرن جون پڇڙيون ڪاريون ٿين، جن جي ڇيڙن تي اڇا گول چٽ ۽ نشان ٿين ٿا. هن جي چهنب پيلي هوندي آهي، جنهن جي هيٺئين پاسي ڳاڙهو ٽڪو ٿيندو اٿس. هن پکيءَ جي ٽنگن جو رنگ پيلو گلابي هوندو آهي. ان جي چهنب کي ڪاري يا ناسي نوڪ ٿيندي آهي. سياري ۾ ان جي ڪنڌ تي ناسي چٽا ۽ لينگها ڏسبا آهن. نابالغ پکيءَ جي پٺي گهري ناسي ۽ هيٺيون جسم هلڪو ناسي ٿئي ٿو، جنهن تي دڙڳ دڙڳ ۽ لينگها هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو